واشنگٽن/تهران: (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سفارتي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران پنهنجي جوهري پروگرام کي روڪڻ ۽ هرمز لنگهه کي فوري طور کولڻ لاءِ جلد معاهدي تي پهچي ٿو ته هو ايران خلاف نئون حملو ملتوي ڪري سگهن ٿا.
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ چيو ته ايران ۽ وچ اوڀر جي ٻين ملڪن معاهدي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهريو آهي، جنهن سان هرمز لنگهه کي مڪمل ۽ مستقل طور بحال ڪرڻ سان گڏ ايران جي جوهري خطري کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
هن چيو ته دنيا جي مستقبل ۽ هڪ ڪامياب ايران جي مفاد ۾ هو حملو روڪڻ تي راضي ٿيو آهي، پر اهو فيصلو جلد معاهدي ٿيڻ سان مشروط هوندو. ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته اسرائيل به هن موقف جي حمايت ڪري ٿو، پر اسرائيلي حڪومت طرفان فوري طور ڪو باضابطه ردعمل سامهون نه آيو.
ٻئي طرف ايران آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي فوج ايران خلاف ڪا نئين ڪارروائي ڪئي ته تهران ان جو سخت جواب ڏيندو.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي اعليٰ اختيارين سان ٽيليفون تي رابطا ڪري چيو ته ايران ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن خطي ۾ آمريڪي قدمن جي ممڪن اثرن تي به ڳالهيون ڪيون.
ايراني سلامتي معاملن سان لاڳاپيل ويب سائيٽ نور نيوز خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جي توانائي واري ڍانچي کي نشانو بڻايو ته ايران سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ اسرائيل جي توانائي مرڪزن کي نشانو بڻائي سگهي ٿو.



