ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي موجب اڄ منجهند يا شام ڌاري شهر ۾ گجگوڙ سان مينهن وسڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جهڙالي رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
کاتي موجب ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي رهيون آهن، جڏهن ته هوا ۾ گهم جو تناسب 82 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.


